پير بخش لاڙڪ

پير بخش لاڙڪ: ناميارو مصور پير بخش لاڙڪ نوشهري فيروز ويجهو ڳوٺ راهو کاهيءَ ۾ 48/1947ع ڌاري ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي مصوريءَ جو شوق هئس. پرائمري تعليم دوران ڳوٺ جي وڻن، ٽڻن ۽ ڀتين جون تصويرون ٺاهيندو رهندو هو. بعد ۾ اسڪولي تعليم دوران ڊرائنگ جي سکيا پنهنجن استادن کان ورتائين. هن لينڊ اسڪيپ، پورٽريٽ، اسٽل لائيف، پين ورڪ، پينسل ورڪ، پوسٽر ورڪ، نائيف ورڪ، چارڪول ورڪ ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي پر کيس واٽر ڪلر جو ڪم وڌيڪ پسند آهي. هن حليم بروهي ۽ ع. ق شيخ جا شاهڪار پورٽريٽ ٺاهيا. هن وقت نوشهري ويجهو پنهنجي ڳوٺ، ’راهو کاهيءَ‘ ۾ رهائش پذير آهي. سندس فرزند جبران خليل لاڙڪ، آءِ. ٽِي شعبي ۾ مهارت رکي ٿو.


لفظ پير بخش لاڙڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو